ڊونلڊ ٽرمپ جو ريپبلڪن جي مباحثن ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ريپبلڪن جي پهرين پرائمري مباحثي ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي عوامي مقبوليت کي نظر ۾ رکندي هلندڙ هفتي آمريڪي رياست وسڪانسن جي شهر ميلوا ۾ رٿيل ريپبلڪن جي پهرين پرائمري مباحثي ۾ حصو نه وڍڻ جو اعلان ڪيو.

گذريل ڏينهن سي بي سي پول ۾ ٽرمپ کي 62 جڏهن ته سندس مخالف ۽ فلوريڊا جي گورنر ڊي سينٽسٽ کي 16 ۽ ٻين اميدوارن کي 10 سيڪڙو حمايت حاصل رهي.

ان کانپوءِ اڳوڻي آمريڪي صدر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ لکيو ته عوام پهريان ئي مون کي ڄاڻي ٿي ته مان ڪير آهي ۽ مان ڪيتري ڪامياب صدارت ڪري چڪو آهيان، تنهنڪري مباحثي ۾ حصو نه وٺندس.

ٻئي پاسي ٽرمپ جي هڪ ٻئي صلاحڪار جو چيو آهي ته اڳوڻي صدر مستقبل ۾ ايندڙ مباحثي ۾ حصو وٺي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.