ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 297 رپيا 13 پئسا آهي، ان کان اڳ ڊالر 295 رپين 78 پئسن تي بند ٿيو هو.
انٽر بئنڪ مارڪيٽ ذريعن موجب نگران حڪومت جي اچڻ کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ هيل تائين ڊالر 8 رپيا 64 پئسا مهانگو ٿي چڪو آهي.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ٻه رپيا واڌ سان 304 رپين جو ٿي ويو آهي.