هزارين رپيا واڌ کانپوءِ سون جو اگهه آسمان تي پهچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به في تولي سون جي قيمت ۾ هزارين رپيا واڌ ٿي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار 100 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 29 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون ٻه هزار 658 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 97 هزار 102 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر ٻه ڊالر وڌڻ سان 1891 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.