ٽام موڊي پاڪستاني رانديگرن کي مخالف ٽيمن لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڊيزرٽ وائپرز جي ڊائريڪٽر  ۽ اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ٽام موڊي به اعظم خان ۽ شاداب خان جا ڳڻ ڳائڻ لڳو.

هڪ بيان ۾ ڊيزرٽ وائپرز جي ڊائريڪٽر ٽام موڊي چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران اعظم پنهنجي ڪارڪردگي سان سڀن کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي، اعظم خان هڪ خالص پاور هٽر آهي جيڪو امپيڪٽ پليئر ثابت ٿي سگهي ٿو.

ٽام موڊي چيو ته اعظم خان مخالف ٽيمن لاءِ هڪ خطرو آهي، سندس موجودگي سان مخالف بالر دٻاءُ ۾ رهندا.

قومي آل رائونڊر شاداب خان جي ساراهه ڪندي ٽام موڊي چيو ته هو هڪ مڪمل پئڪيج آهي، هن جهڙو رانديگر نه رڳو بيٽنگ ۾ مددگار رهندو پر سندس ليگ اسپن به بهترين آهي، اِهو ئي نه شاداب ۾ ليڊر واريون صلاحيتون به قابلِ احترام آهن.

واضح رهي ته  قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي کانپوءِ قومي ڪرڪيٽر شاداب خان ۽ اعظم خان به متحده عرب امارات جي پرڪشش ليگ جو حصو بڻجي ويا آهن، شاهين بعد ٻنهي رانديگرن کي به ڊيزرٽ وائپرز اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.