ڪانريڊ ٽربل نئين آمريڪي قونصل جنرل جي حيثيت سان ذميواريون سنڀالي ورتيون

 

ڪراچي: ڪانريڊ ٽربل21 آگسٽ 2023ع تي ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني جي قونصل جنرل طور ذميواريون سنڀالي ورتيون.

هُن تازو آمريڪي مشن جي نائب سربراهه ۽ 2020ع کان 2023ع تائين ميڊرڊ، اسپين ۾ ناظم الامور طور خدمتون انجام ڏنيون.

ڪانريڊ ٽربلميڊرڊ کان اڳ واشنگٽن ۾ اولهه يورپ ۽ يورپي يونين لاءِ 3 سالن تائين پرڏيهي وزارت جي نائب معاون جي حيثيت سان ڪم ڪيو، جڏهن ته هڪ سال تائين فارين سروس انسٽيٽيوٽ ۾ سفارتي مهارتن جي سکيا واري اسڪول جو سربراهه رهيو ۽ آمريڪا جي جرمن مارشل فنڊ ۾ هڪ سال تائين سينيئر ميمبر جي حيثيت سان خدمتون نڀايون.

سن 2012ع کان 2015ع تائين، ڪانريڊ ٽربل ڪيوبا جي راڄڌاني هوانا ۾ آمريڪي مشن جي نائب سربراهه جي حيثيت ۾ آمريڪا ۽ ڪيوبار وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ سوڌو هوانا ۾ آمريڪي سفارتخانو ٻيهر کولرائڻ لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪيو.

اُن کان پهرين هُن سينٽياگو، پورٽوپرنس ۽ بغداد ۾ سفارتي ذميواريون نڀايون، اُن کانسواءِ جرمني ۾ 2 دور به گذاريا، هڪ ڀيري بون ۾ جرمن پرڏيهي کاتي ۾ مٽاسٽا جي سفارتڪار سان لاڳاپيل رھيا ۽ ٻئين ڀيري 3 سال ساندهه ميونخ ۾ قونصل جنرل طور گذاريائون.

ڪانريڊ ٽربل واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪيترن ئي اعليٰ عهدن تي پڻ پنهنجون خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.