نسيم شاهه پاران عاقب جاويد کي ڏنل جواب تي ثقلين مشتاق چپ نه رهي سگهيو

لاهور( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ ثقلين مشتاق نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه طرفان اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ لاهور قلندرز جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد کي ڏنل جواب تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.

ثقلين مشتاق طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ نسيم شاهه طرفان عاقب جاويد کي ڏنل جواب لکيل هو.

اڳوڻي اسپنر طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ نسيم شاهه جي عاقب جاويد کي ڏنل جواب ۾ لکيو ته مون ڪڏهن چيو آهي ته مان ڪنهن کان بهتر آهيان؟  هر ڪو مون کان بهتر آهي، دنيا جا سمورا بالر مون کان بهتر آهن.

ثقلين مشتاق سوشل ميڊيا تي نسيم شاهه جو جواب شير ڪندي ليکو ته اهڙو جواب جيڪو قابليت کان وڌيڪ مئچورٽي کي ظاهر ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.