شڪارپور ۾ مهر برادري هٿان پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا قتل

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) ڳڙهي ياسين ويجهو هوتل تي ويٺل ماڻهن تي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارسميت 2 ڄڻا مارجي ويا.

فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ بعد حملي آور فرار ٿي ويا جن جي ڳولا جاري اهي.

واقعو مهر ۽ معرفاڻي برادري ۾ پراڻي دشمني تان پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.