ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ رٿيل آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي نااهلي سبب هڪ ڀيرو وري شيديول ۾ ڦيرڦار جو امڪان آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، مقامي پوليس سيڪيورٽي خدشن سبب هٿ مٿي ڪندي چيو آهي ته ميچز دوران وقفو نه هجڻ تي لڳاتار ٻه ڏينهن سيڪيورٽي نٿا ڏئي سگهون، ان ڏس ۾ حيدرآباد ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ نوَ آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ ۽ نيڌرلينڊز جي ميچ شيديول آهي جڏهن ته 10 آڪٽوبر تي پاڪستاني ٽيم سريلنڪا سان مهاڏو اٽڪائيندي.
مقامي پوليس پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ جي سيڪيورٽي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
ان کان اڳ شيڊيول ۾ تبديلي ڪندي قومي ٽيم کي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ٻي ميچ سريلنڪا سان جيڪا پهرين 12 آڪٽوبر تي کيڏي هئي اِها هاڻي 10 آڪٽوبر تي شيڊيول آهي پر هاڻي سيڪيورٽي مسئلن سبب تبديلي جو امڪان روز زور پڪڙي رهيو آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو جيڪو 15 آڪٽوبر تي شيڊيول هو اِهو هاڻي 14 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ ٿيندو.
ڀارت طرفان شيڊيول ۾ ڦيرڦار لاجسٽڪ مسئلن ۽ مذهبي تهوارن جو جواز ڄاڻائي ڪئي وئي هئي.