ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) فلم، ٽي وي ۽ ويب سيريز جي مقبول اداڪارا ثروت گيلاني جو چوڻ آهي ته هو مستقبل ۾ پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿي.
ثروت گيلاني هڪ شو ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني ڊرامن ۾ رڳو اهو ئي ڏيکاريو ٿو وڃي ته ڇوڪري سان شادي ڪير ڪندو؟ ڇوڪري تي تشدد ٿيڻ، ڏير سان افيئر، ڪنهن نوجوان سان ڀڄي وڃڻ، اهي ڪهاڻيون نوجوان نسل نٿو ڏسڻ چاهي، اڄ ڪلهه نوجوان ڪامياب ماڻهن جون ڪهاڻيون ڏسڻ چاهين ٿا.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن ڪنهن به پارٽي جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته مون کي کوڙ پارٽين دعوت ڏني آهي ڇو ته مان آواز اٿاريندي آهيان، مستقبل ۾ ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي پارٽي ٺاهيان تنهن بعد ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي تعليم مفت ڪنديس.