آرمي ترميمي ايڪٽ ۽  آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 2023 جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آرمي ( ترميمي ) ايڪٽ 2023 ۽ آفيشل سيڪريٽ ( ترميمي ) ايڪٽ 2023ع جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن اِها خبر سامهون آئي هئي ته صدر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪت ترميمي بل تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جنهن کانپوءِ ٻئي بل قانون بڻجي ويا آهن.

پر اڄ هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل سان اتفاق نٿو ڪيان، مون پنهنجي عملي کي چيو ته بل بنا صحيح جي واپس موڪليو.

ٻئي پاسي پاڪستان آرمي( ترميمي ) ايڪٽ 2023 ۽ آفيشل سيڪريٽ ( ترميمي ) ايڪٽ 2023ع جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

ٻنهي قانونن جو گزٽ نوٽيفڪيشن 18 آگسٽ تي جاري ڪيو ويو ۽ اِهو قومي اسيمبلي جي ويب سائيٽ تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.