اداڪارا عليزي شاهه سڀني ساڙيلن کي ساڙي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عليزي شاهه پنهنجي ساٿي فنڪارن طرفان غير پيشيوراڻي رويي جي ڪري تڪرارن جو شڪار رهندي آهي.

سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ هن ڪيپشن ۾ لکيو ته ماڻهو سهڻو ايڏو لڳي جو ساڙيلا ماڻهو وڃي ڪيس ڪن.

عليزي جي ان دعويٰ تي واهپيدارن جو گڏيل رد عمل اچي رهيو آهي.

ڪيجهه ڏينهن اڳ اداڪارا عليزي جو ساٿي اداڪارا سان پراجيڪٽ جي شوٽنگ دوران هڪ ٻيو تڪرار به سامهون آيو هو.

ساٿي اداڪارا منسا ملڪ سندس خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.

منسا ملڪ چيوهو ته 15 آگسٽ تي عليزي شاهه سيت تي موجود سڀني ماڻهن سامهون مون ڏانهن ٻرندڙ سگريٽ اڇلايو ۽ جوتن سان ماريو جنهن بعد مان جان بچائي فرار ٿيس.

پر ان جو جواب اداڪارا عليزي شاهه انسٽاگرام استوري تي ڏنو، هن عائشا جهانگير ملڪ نالي واهپيدار جي اسٽوري جو اسڪرين شات شيئر ڪندي لکيو ته سچ ڪڏهن ناهي لڪندو.

عليزي شاهه ان تڪرار بعد انسٽاگرام تي پنهنجي سيلفي پوسٽ ڪئي آهي ۽ هن اهو ڪيپشن ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.