ڪڻڪ ڪراچي نٿي پهچي پر افغانستان پهچي وڃي ٿي: چيف جسٽس احمد علي شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏنان آهن ته ڪڻڪ جونن ٽرڪون ڪراچي ته نٿيون پهچن پر افغانستان پهچي وڃن ٿيون، ڪڻڪ نه هوندي ته ظاهر آهي ته اٽو مهانگو ٿيندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عدنان اقبال چوڌري تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪڻڪ جي منتقلي تي پابندي خلاف پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي عدالت ريمارڪس ڏنا ته سڀني کي گهرايون ٿا،هي ڪو عام ڪيس نه پر ڳنڀير مسئلو آهي.

عدالت ۾ پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي وڪيل دليل ڏنا ته خوراڪ کاتي سنڌ ۾ هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ڏانهن ڪڻڪ جي منتقلي تي پابندي هنئي آهي. ڪراچي ۾ ڪڻڪ نه اچڻ سبب ماڻهو مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ناهي ٿيندي، ان ڪري ڪراچي ۾ ڪڻڪ ٻاهران آڻڻي پوندي آهي،.

عدالت پاران خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر کي 21 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.