ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلا جيهڙي ۾ مارجي ويل اصغر ٿهيم جي امڙ پٽ جي خون سان انصاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو آهي.
ماءُ مسمات ريشما مقتول پٽ جي معصوم ٻارن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو.
مقتولا جي امڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مهنجي پٽ کي بي ڏوهه قتل ڪيو ويو، سندس قاتل اڃا تائين آزاد گھمي رهيا آهن، غريب به سهارا آهيان منهنجو ڪوبه وارٽ نه آهي.
هن چيو ته اصغر جا قاتل ڳوٺ شِير آباد جا رهواسي ميندرو، بخت علي، حمير ۽ ٻه نامعلوم آهن پوليس کين گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پٽ جا قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
You might also like