مٺياڻي: جان محمد مهر -فاطما ڦرڙو جي قتل خلاف ۽ پرياڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج

مٺياڻي ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پريا ڪماري جي بازيابي ۽ راڻيپور واقعي خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
پريا ڪماري جي بازيابي ۽ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مين چوڪ تي شهباز مستوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٻي پاسي ٺٽ ڳوراهو ۾ صوفي خالد چنا، زاهد پهنور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب ٿي چڪي آهي، پوليس عام شهرين ۽ صحافين جي جان ۽ مال جي تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. صحافي جان محمد مهر جي قتل ۽ راڻيپور واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا جڏهن ته پوليس هيل تائين نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ناهي ڪرائي سگھي.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته شهيد جان محمد مهر ۽ فاطما ڦرڙو جي قاتلن کي سخت سزا ڏئي نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.