ٻارن سان زيادتي ۽ وڊيوز ٺاهي ڊارڪ ويب تي کپائيندڙ گروهه گرفتار

 

ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ) ٽيڪسلا پوليس ٻارن سان زيادتي ڪري وڊيوز ٺاهيندڙ ۽ انهن کي ڊارڪ ويب تي وڪرو ڪندڙ گروهه کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس اختيارين موجب جوابدارن جي قبضي مان ٻن موبائل فون برآمد ٿيا آهن، جن کي فرانزڪ لاءِ لاهور موڪليو ويو آهي، جوابدار واٽهڙو ٻارن کي لالچ ڏئي وٺي ويندا هئا.

پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جي انٽرنيشنل گروهه سان رابطن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جوابدار هيل تائين تقريبن 13 ٻارن سان زيادتي جون وڊيوز ٺاهي چڪا آهن، ڪيترائي ڪيس رپورٽ ناهن ٿي سگهيا، ٽي ٻار آزاد ڪرايا آهن.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ قمر زمان ۽ احسان الاهي شامل آهن، اهي ٻارن سان زيادتي ڪري وڊيوز ٺاهيندا هئا ۽ انهن کي ڊارڪ ويب تي وڪرو ڪندا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.