پ پ حڪومت جي وڃڻ بعد سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا آفيسر ڏچي ۾ پئجي ويا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا آفيسر ڏچي ۾ پئجي ويا.

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل، ڊائريڪٽر ڊيموليشن خلاف سخت حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي طرفان آخري وارننگ جاري ڪندي چيو ويو آهي ته ڊائريڪٽر ڊيموليشن عبدالسجاد پنهنجون ذميواريون صحيح طرح نه نڀائي رهيو آهي، هو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي.

ڊي جي ايس بي سي اي چيو آهي ته عدالتي حڪمن تي هڪ هفتي اندر عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊائريڪٽر ڊيموڪريشن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

ڊي جي ايس بي سي اي لاڳاپيل آفيسر کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته عدالتي حڪمن تي روز جي بنياد تي عمل درآمد ڪري هفتيوار رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.