زرداري صاحب زبان جو پڪو ۽ ن ليگ لاءِ الارمنگ صورتحال آهي: جي ڊي اي اڳواڻ سائرا بانو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سائرا بانو چيو آهي ته ڪچري مان بجلي بڻائي ويندي آهي پر اسان پارٽي بڻائي آهي.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي ميمبر سائرا بانو چيو ته سياسي استحڪام لاءِ استحڪام پاڪستان کي وجود ۾ آندو ويو آهي.

سندس چوڻ هوته پي ڊي ايم 4 ورهين تائين اسان کي ٻڌايو ته جهانگير ترين اي ٽي ايم آهي، اڄ هو اهي سڀ سٺا ٿي ويا، هاڻ عطا طارڙ چوي ٿو ته گڏجي هلنداسين.

هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته بچاءَ واري وزير چيو ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري چڪو آهي ان جي ڪا ترديد به ناهي آئي، گذريل ٽيڪس هدف پورو ناهي ڪيو ويو ته ان هن ڀيري ڪيئن ٿيندو؟ ملڪ ڊيفالٽ ناهي ڪيو پر عوام ڊيفالٽ ڪري ويو آهي.

سائرا بانو چيو ته ايوان ۾ اپوزيشن جو مضبوط ڪردار هوندو آهي پر اسان کي اپوزيشن اتي نظر ئي ناهي اچي رهي پر اپوزيشن ليڊ ته چوندي آهي ته ايندڙ چونڊون ن ليگ جي ٽڪيٽ تي وڙهندس.

پيپلز پارٽي جي حوالي سان هڪ سوال تي هن جواب ڏنو ته زرداري صاحب پنجاب ۾ سرگرم آهي، اليڪشن ضروري ٿيندي، هو پنهنجي زبان جو پڪو آهي، ن ليگ لاءِ الارمنگ صورتحال آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي وقت تي چونڊن جي حق ۾ آهي، مسئلو ن ليگ کي آهي، زرداري صاحب وٽ ڏکڻ پنجاب ۾ سيٽون آهن.

جي ڊي اي اڳواڻ چيو ته ن ليگ پنجاب ۾ پنهنجو ووٽ بينڪ ڳولي رهي آهي، هاڻ سياسي گيم دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.