چئلينج: تصوير ۾ موجود ٻيو چيتو ڳولي ڏيکاريو

 

مٿي ڏنل تصوير ۾ هڪ نه پر ٻه چيتا موجود آهن، جن مان هڪ ته واضح نظر اچي رهيو آهي پر ڇا توهان ٻئي کي ڏسي ٿا سگهو؟

حقيقت ۾ سئو مان 95 سيڪڙو ماڻهو ٻيو چيتو ڳولڻ کان قاصر رهندا آهن.

اها تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن ۾ سوال ڪيو ويو ته ڇا توهان ان ۾ موجود ٻئي چيني جو چهرو ڏسي سگهو ٿا؟

تصوير کي ڏسندي ئي لڳي ٿو ته ان ۾ رڳو هڪ چيتو موجود آهي پر غور سان ڏسي ۽ ذهانت استعمال ڪري ٻيو چيتو به ڏسي سگهجي ٿو.

اسان توهان کي اشارو ڏيون ته جيڪڏهن توهان تصوير ۾ نظر ايندڙ وڻ کي غور سان ڏسندئو ته توهان ٻيو چيتو ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندئو.

ته ڇا توهان مٿي ڏنل تصوير ۾ ٻيو چيتو ڳولي ورتو؟ جيڪڏهن نه ته جواب هيٺ تصوير ۾ موجود اٿوَ.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.