پنبڻين کي گهاٽو ۽ ڊگهو ڪندڙ  5 قدرتي شيون

 

پنبڻيون جيتريون ڊگهيون ۽ گهاٽيون هونديون آهن، اکيون ايتريون ئي خوبصورت نظر اينديون آهن.

ماهرن موجب گهر ۾ ئي موجود ڪجهه شيون استعمال ڪري پنبڻين کي گهاٽو ۽ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو.

ڪيسٽر آئل

ڪيسٽر آئل لڳائڻ سان نه رڳو پنبڻيون گهاٽيون ٿي وينديون آهن پر انهن جا وارَ به ناهن ڪِرندا، ڪيسٽر آئل جا ڪجهه ڦڙا ناريل جي تيل سان گڏايو ۽ پوءِ آڱرين سان يا ڪپهه جي مدد سان احتياط سان استعمال ڪيو، ان کي رات جي وقت لڳايو ۽ صبح جو ڌوئي ڇڏيو.

ناريل جو تيل

توهان رڳو ناريل جو تيل به پنبڻين تي لڳائي سگهو ٿا، اهو ملائم هوندو آهي ۽ ان کي اکين جي ڀرپاسي استعمال ڪري سگهجي ٿو، ان کي پنبڻين تي لڳائڻ سان اهي گهاٽيون ٿي وينديون.

زيتون جو تيل

ڪمزور پنبڻين لاءِ هڪ ٽوٽڪو زيتون جو تيل به آهي، ان سان پنبڻين تمام جلد گهاٽيون ۽ مضبوط ٿي وينديون آهن، ان تيل کي ڪپهه جي مدد سان لڳايو.

سائي چانهه

سائي چانهه ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ خاصيتون هونديون آهن، تنهن ڪري ان جي استعمال سان پنبڻين تيزي سان ڊگهيون ۽ گهاٽيون ٿي وينديون آهن، ان جي هڪ خاصيت اها به آهي ته ان سان ڪارا چُٽا به ختم ٿي ويندا آهن.

گرم پاڻي جي هڪ پيالي ۾ سائي چانهه جا پَن يا گرين ٽي جو بيگ شامل ڪيو ۽ جڏهن ٿڌو ٿي وڃي ته پنبڻين تي لڳايو ۽ پوءِ ٿڌي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.

ايلو ويرا

ايلو ويرا جيل ڪاسميٽڪس ۾ استعمال ٿيندي آهي، جلد لاءِ ان جا ڪيترائي فائدا آهن، ان جي جيل پنبڻين تي لڳايو ۽ ان کي پنج منٽن لاءِ ڇڏي ڏيو، پوءِ صاف پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.

جڏهن ڪنوار ٻوٽي پنبڻين تي لڳايو ته پنهنجون اکيون بند رکو ۽ احتياط ڪيو، ڇو ته اکيون حساس هونديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.