مراد علي شاهه جون ويندي ويندي نوازشون، سرڪاري ملازمن کي 7 پگهارون جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ويندي ويندي سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن کي ٽيڪائي ڇڏيو آهي.

سندس حڪم تي ناڻي واري کاتي پاران ملازمن جي 7 مهينن جون پگهارون بونس طور جاري ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب سنڌ جي ناڻي کاتي پاران ان مقصد لاءِ 200 ملين رپين جا فنڊز جاري ڪيا ويا هئا.

پنهنجي وڏ وزارت دوران مراد علي شاهه اهي فنڊز ورهائڻ جو حڪم ڏنوهو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري کاتي پاران 60 ملين رپين جا فنڊز پگهارن جي مد ۾ جڏهن ته 140 ملين رپيا ٻين فنڊز جي مد ۾ ورهايا ويا.

ياد رهي ته وڏي وزير پاران سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ اڳ 35 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي هئي.

تازو جن ملازمن کي 7 پگهارون ڏنيون ويون آهن، اهي بيسڪ سيلري جي حساب سان ڏنيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.