ٽويوٽا جي مشهور هائبرڊ گاڏي ”پريئس“ 2024 جي قيمت ڪارن جي شوقينن کي وائڙو ڪري ڇڏيو

 

پاڪستان جي پهرين ”ٽويوٽا پريئس 2024“ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، جن کي ڏسي ڪارن جا شوقين ڏاڍا پرجوش نظر آيا پر جيئن ئي انهن جي نظر گاڏي جي قيمت تي پئي ته انهن جو جوش گهٽجي ويو.

هڪ انسٽاگرام واهپيدار طرفان ان گاڏي جون تصويرون شيئر ڪيون ويون آهن ۽ ٻڌايو ويو آهي ته گاڏي ڪراچي جي هڪ ڊيلر شپ درآمد ڪئي آهي.

پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها گاڏي ٻه ڪروڙ رپين جي لاڳت ۾ درآمد ڪئي وئي آهي، اها لاڳت ٽويوٽا فارچونر سگما 4 جي قيمت کان به وڌيڪ آهي، ٽويوٽا فارچونر سگما جي قيمت هڪ ڪروڙ 90 لک رپيا آهي.

تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽويوٽا پريئس (Prius) جي اها گاڏي گذريل سال جي ماڊل جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي پرڪشش ٺاهي وئي آهي.

ان گاڏي جي ڊيزائن ۾ جديد اسپورٽس ڪارن جي جهلڪ نظر اچي ٿي، ان ۾ 2.0 ليٽر پلگ ان هائبرڊ سسٽم ڏنو ويو آهي، جيڪو هاءِ ايفيشنسي ڊائنامڪ فورس انجڻ ۽ ليٿيم آئن بيٽرين ذريعي 221 هارس پاور طاقت پيدا ڪندو آهي.

ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان طاقت سان اها گاڏي 6.7 سيڪڊن ۾ ٻڙي کان 100 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار پڪڙي سگهي ٿي.

اها گاڏي عالمي مارڪيٽ ۾ 78 لک رپين کان هڪ ڪروڙ ٻه لک رپين تائين قيمت ۾ دستياب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.