هن ڪٽليءَ جي قيمت ڄاڻي توهان جا هوش اُڏي ويندا!

 

دنيا ۾ چانهه جي هڪ اهڙي ڪٽلي به  آهي، جنهن جي قيمت 30 لک ڊالر (تقريبن 86 ڪروڙ پاڪستاني رپين) کان به وڌيڪ لڳائي وئي آهي.

ان ڪٽلي کي برطانيا جي اين سيٺي فائونڊيشن ۽ نيو بائي ٽيز جي گڏيل ڪوشش سان تيار ڪيو ويو آهي، ان بي مثال ڪٽلي جو نالو ”دي ايگوئيسٽ“ آهي.

ڪٽليءَ جي قيمت 30 لک ڊالر لڳائي وئي آهي ۽ ان 2016 ۾ دنيا جي سڀ کان مهانگي ڪٽلي هجڻ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.

گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ موجب ان ڪٽلي کي اطالوي سنار فلويوسڪاويا ٺاهيو آهي، ان جو هَٿيو ناياب وڏي هاٿي ميمٿ جي ڏند جو ٺاهيو ويو آهي.

ڪٽلي جي تياري ۾ 18 قيراط زرد سون ۽ اهڙي خالص چاندي استعمال ڪئي وئي آهي، جنهن تي سون جو پاڻي چڙهيل آهي.

ان ۾ 16 سئو 18 هيرا ۽ 3 سئو 60 خالص ٿائي ۽ برمي ياقوت جڙيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.