گڏيل عرب رياستن ( يو اي ايِ ) جي خلاباز خلا مان دنيا جي اونچي ترين جبل ايورسٽ جون دلڪش تصويرون شيئر ڪري ڪري ڇڏيون.
يو اي ايِ جي خلاباز سلطان النيادي خلا مان هماليا جو هڪ دنگ ڪري ڇڏيندڙ نظارو شيئر ڪيو آهي.
خلاباز ڇنڇر جي ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي برف سان ڍڪيل هماليا جي جابلو سلسلي جي سڀ کان بلند ترين جبل جون تصويرون پوسٽ ڪيون آهن.
The Himalayas from space 🏔️
Home to the Everest summit, the highest point above sea level on earth, these mountains are one of the iconic landmarks of our planet’s rich nature. pic.twitter.com/DiQqz0L95b
— Sultan AlNeyadi (@Astro_Alneyadi) August 12, 2023
خلاباز طرفان شيئر ڪيل تصويرن ۾ هماليا جي جبلن جو دلڪش نظارو ڪري سگهجي ٿو جن جي مٿان ڪڪر موجود آهن.
خلاباز پنهنجي تصويرن جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” خلا مان هماليا جا منظر، ايورسٽ چوٽيءَ جو گهر، ڌرتيءَ تي سمنڊ جي سطح کان سڀ کان مٿانهون مقام، هي جبل اسان جي سياري جي ڀرپور فطرت جي نمايان نشانين منجهان هڪ آهي“ .
ياد رهي ته يو اي ايِ جو خلاباز سلطان النيادي، هن وقت عالمي خلائي اسٽيشن ( آءِ ايس ايس ) لاءِ ڇهن مهينن جي خلائي مشن تي موجود آهي.