خبردار! ٻيهر وهنجڻ تي ڏند لڳندو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي هڪ هوٽل ۾ رهندڙ ماڻهن کي رڳو هڪ ڀيرو وهنجڻ جي اجازت آهي ٻيون ڀيرو وهنجڻ تي واڌو فيس مقرر ڪئي وئي آهي.

هڪ چيني اخبار موجب هڪ هوٽل پنهنجي هوٽل ۾ ايندڙ ۽ ترسندڙ گراهڪن کان ٻه ڀيرا وهنجڻ تي اضافي رقم جي وصولي شروع ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب جنهن هوٽل ٻيهر وهنجڻ تي فيس لاڳو ڪئي آهي اتي رڳو هڪ رات رهڻ جو ڀاڙو اڍائي هزار يو آن آهي.

هوٽل ۾ رهندڙن کي ڪمري ۾ ويندي ئي نوٽيس بورڊ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو  جنهن ۾ لکيل آهي ته ٻيون ڀيرو وهنجڻ تي اضافي پيسا ادا ڪرڻا پوندا.

اهو معاملو ميڊيا ۾ ان وقت آيو جڏهن هڪ چيني عورت مقامي سوشل ميڊيا تي ان نوٽيس بورڊ جي تصوير لڳائي.

عورت جو چوڻ هو ته هوءَ ڄاڻايل هوٽل ۾ ٻه راتيون ترسن جي بڪنگ ڪرائي هئي پر جڏهن هوءَ ڪمري ۾ وئي ته اهو نوٽيس ڏسي حيران ٿي وئي جنهن تي لکيل هو ته ٻيون ڀيرو وهنجڻ تي اضافي پيسا ڏيڻا پوندا.

عورت جي سوشل ميڊيا تي پوسٽ وائرل ٿي وئي جڏهن ته ڄاڻايل هوٽل اسٽاف ان جي وضاحت ڏيندي چيو ته هوٽل اهو شرط پاڻي جي زيان کي روڪڻ لاءِ لاڳو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.