ريو ڊي جنيرو (ويب ڊيسڪ) برازيلين گلوڪار سرگيسنو پوريدو کي ميوزڪ ڪنسرٽ دوران فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
ميڊيا رپورتن موجب 29 ورهين جو گلوڪار ڪنسرٽ دوران هڪ جوڙي ۾ ٿيل جهيڙي کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ فائرنگ جو نشانو بڻجي ويو.
گلوڪار کي مٿي ۾ گولي لڳي ۽ کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو نه بچي سگھيو.
ميڊيا رپورٽس موجب فائرنگ ڪندڙ هڪ پوليس آفيسر هو جيڪو ميڊيڪل موڪلن تي هو ۽ ان جي فائرنگ سان هڪ عورت به مارجي وئي آهي.