فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

 

خيرپور (ويب ڊيسڪ) فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ پوليس حويلي ۾ ٻارڙي جو علاج ڪندڙ ڊسپينسر کي گرفتار ڪري ورتو ۽ جاچ ڪري رهي آهي ته حويلي ۾ ٻارڙيءَ جو علاج ڊسپينسر کان ڇو ڪرايو ويو؟

راڻي پور ۾ پير جي حويلي ۾ فاطمه جي علاج جون وڊيوز وائرل ٿيڻ تي پوليس جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پوليس حويلي ۾ فاطمه جو علاج ڪندڙ ڊسپينسر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس ايس پي روحيل کوسي موجب گرفتار ڊسپينسر کا پچا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پوليس ان معاملي جي به جاچ ڪري رهي آهي ته حويلي ۾ ٻارڙي جو ڊسپينسر کان علاج ڇو ڪرايو ويو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.