جدا (ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب ۾ پلاسٽِڪ جي چادر مان ٺهيل ڀِت سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي، جدي ۾ موجود پلاسٽِڪ جي ڀت کي گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
اِها ڀت جدا ميونسپلٽي طرفان 383 چورس ميٽر ايراضي تي اڏي وئي آهي.
اختيارين موجب، ڀت جي اڏاوت ۾ اٺ مهينا لڳا، جنهن لاءِ چار لک کان وڌيڪ پلاسٽِڪ جون چادرون استعمال ڪيون ويون.
ميونسپلٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته 2023 لاءِ پلاسٽِڪ جي چادر مان تيار ڪيل دنيا جي سڀ کان وڏي ڀت کي اسپانسر ڪري هڪ رڪارڊ قائم ڪيوويو آهي.
پنهنجي طرز ان انوکي ڀت جو نالو گينز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾شامل ڪيو ويوآهي.
جدا ميونسپلٽي ۾ سماجي ذميوارين جي ڊائريڪٽر جنرل انجينيئر هاشم حموده جو چوڻ آهي ته ڀت جو مقصد آرٽ جي ڪمن ۾ پلاسٽِڪ کي ٻيهر استعمال ڪري ماحوليات جي تحفظ جي اهميت بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ ماحول کي آرٽ سان جوڙڻ تي زور ڏيڻ آهي.