شادي ڪرايو نه ته…. همراهه جو عجيب منتق، ڀاڄ پئجي وئي

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ شير شاهه روڊ ويجهو نوجوان شادي نه ٿيڻ تي انوکو قدم کڻي ورتو. شادي نه ڪرائڻ تي نوجوان گهرڀاتين ۽ ريسڪيو ٽيمن کي ٿڪائي وڌو.

ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي عملدارن موجب صفدر نالي نوجوان گذريل رات گهران فرار ٿي ويو ۽ ٻني لڪي ويو.

گهرڀاتين ريسڪيو ٽيمن کي صفدر جي درياهه ۾ ٻڏڻ جو اطلاع ڏنو.

ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد نوجوان کي جهنگ مان ڳوليو ويو.

نوجوان پنهنجي غلطي تي شرمساري جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.