ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل زماني ۾ جلدي کائڻ ۽ جلدي سمهڻ تي زور ڏنو ويندو هو پر هاڻي جديد زندگي ايتري مصروف بڻجي وئي آهي جو جلدي کائڻ وارن کي حيراني سان ڏٺو ويندو آهي.
انٽرنيشنل فوڊ انفارميشن ڪائونسل جي 2021 جي هڪ سروي موجب 60 سيڪڙو آمريڪي نوجوان رات اٺين وڳي بعد رات جو کاڌو کائيندا آهن.
نيوٽرينٽس ۾ هڪ سال اڳ شايع ٿيل هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئيهئي ته نوجوانن لاءِ غذائي توانائي ۾ اسنيڪس جو حصو 20 سيڪڙو آهي.
هڪ رپورٽ موجب رات دير سان کاڌو يا اسنيڪنگ ڪرڻ جا امڪاني فائدا ۽ ڪجهه نقصان آهن پر هاڻي ڪجهه عادتن کان بچي صحتمند کاڌي جي عادت کي برقرار رکڻ به ممڪن آهي.
دير سان ماني کائڻ کي ان ڏس ۾ فائديمند قرار ڏنو ويو آهي.
رات جو دير سان کائڻ اوهان جي جسم کي اهي ضروري غذائي شيون فراهم ڪرڻ جو هڪ موقعو ٿي سگهي ٿو جيڪي اوهان ڏينهن دوران حاصل نٿا ڪري سگهو.
ان لاءِ غذائيت سان ڀرپور، گهٽ ۾ گهٽ پروسيسڊ کاڌي جي چونڊ ڪريو.
رجسٽرڊ ڊائيٽيشن ڪيلس ڪونڪ جو چوڻ آهي ته سمهڻ کان اڳ پروٽين سان ڀرپور عذائون کائڻ سان اوهان کي سٺي ننڊ اچي سگهي ٿي.
کاڌي ۾ موجود پروٽين سمهڻ وقت اوهان جي جسم جي ٿڪل عضون جي مدد ڪري ٿو.
هڪ تحقيق موجب رات جو صحتمند هلڪو کاڌو کائڻ ننڊ جي هڪ سٺي مشق آهي.
آمريڪن جرنل آف ڪلينيڪل نيوٽريشن ۾ شايع ٿيل هڪ سائنسي جائزي موجب رات دير سان پروٽين سان ڀرپور غذائن جي اسنيڪنگ ڪرڻ بلڊ شگر ليول کي مستحڪم رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
ٻئي پاسي رات دير سان کاڌو کائن سان اوهان کي ڪجهه مسئلا به ٿي سگهن ٿا.
رات جو دير سان کاڌو بدهاضمي، سيني ۾ ساڙي ۽ ايسڊ ريفلڪس جي تڪليف جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
چرٻي يا مصالحي دار کاڌن کان پرهيز ڪريو ۽ سولائي سان هضم ٿيندڙ نمڪين غذائن جي چونڊ ڪريو.
چرٻي وارون غذائن يا کنڊ وارين غذائون اوهان جي ننڊ ۾ خلل وجهي سگهن ٿيون ۽ نتيجو سڄي رات جڳن جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو.
بوريت يا عادت جي ڪري اڪثر ماڻهو دير سان کائيندا آهن جنهن سبب وڌيڪ ڪيلوريز جي ڪري وزن وڌي سگهي ٿو.