قاضي احمد: مسافر ڪوچ  جي ٽڪر ۾ 27 ڏاچيون مارجي ويون

قاضي احمد ڀرسان مسافر ڪوچ جي ٽڪر ۾ روڊ تان گذرندڙ 27 ڏاچيون مري ويون.

مشائخ اسٽاپ ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪراچي کان لاهور ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ جي ٽڪر سبب 27 ڏاچيون مري ويون جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيون.

حادثي بعد مري ويل ڏاچين کي ڪرين ذريعي روڊ تان هٽايو ويو جڏهن ته پوليس مافر ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.