ڊيرا مراد جمالي (ويب ڊيسڪ) ڊيرا مراد جمالي ۾ بجلي جون تارون گهر تي ڪِرڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ايس ايڇ او سٽي سڪندر عمراڻي موجب اوڀر علائقي ۾ ٽرانسفارمر سڙڻ سان بجلي جون تارون گهر ۾ ڪِريون هيون.
هن ٻڌايو ته بجلي جون تارون گهر ۾ ڪرڻ سان ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته فوتين ۾ زال مڙس، ٻه پٽ ۽ 60 ورهين جو پاڙيسري شامل آهي، سڀني جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا.