آمريڪي گلوڪارا برٽني اسپيئرز ۽ مڙس پاران عليحدگي جو فيصلو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي گلوڪارا برٽني اسپيئرز ۽ سندس مڙس شادي جي 14 مهينن کان پوءِ ئي عليحدگي جو فيصلو ڪري ورتو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اربع ڏينهن گلوڪارا برٽني اسپيئرز جي مڙس سيم اصغري طرفان عليحدگي جي درخواست لاس اينجلس ڪائونٽي جي سپيريئر عدالت ۾ داخل ڪرائي وئي آهي.

ايران ڄاول آمريڪي اداڪار، ماڊل ۽ فٽنس ٽرينر سيم اصغري ۽ برٽني اسپيئرز جي ملاقات جي ملاقات 2016ع ۾ ٿي هئي جڏهن ته گلوڪارا پنهنجي گيت اسلمبر پارٽي جي وڊيو جي شوٽنگ ڪري رهي هئي.

ان کان پوءِ برٽني اسپيئرز ۽ سيم اصغري جي 2021ع ۾ مڱڻي ٿي جڏهن ته جون 2022ع ۾ ٻنهي شادي ڪري ڇڏي هئي پر ٻنهي جي رشتي ۾ اختلافن جا افواه هلندڙ سال سامهون آيا.

رپورٽس موجب عليحدگي جي حواليس ان برٽني اسپيئرز ۽ سيم اصغري طرفان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.