اُهو ملڪ جتي اسڪولي شاگردن کي ڪلاشنڪوف ۽ هينڊ گرينيڊ استعمال ڪرڻ سيکاريو ويندو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي اسڪولن ۾ شاگردن کي ڪلاشنڪوف رائفلز هلائڻ، ڳنڍڻ ۽ صاف ڪرڻ سان هينڊ گرينيڊ جو استعمال به سيکاريو ويندو.

پرڏيهي ميڊيا موجب روس ۾ ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ تعليمي سال ۾ شاگردن کي ڪلاس ۾ ڪلاشنڪوف رائفلرز کي ڳنڍڻ، هلائڻ، صاف ڪرڻ سميت هينڊ گرينيڊ جي استعمال سان گڏ جنگ دوران شروعاتي طبي امداد فراهم ڪرڻ جو طريقو سيکاريو ويندو.

رپورٽس موجب سيڪنڊري اسڪول جي آخري سال جي شاگردن جن جي عمر 16 يا ان کان وڌيڪ آهي لاءِ اها فوجي ٽريننگ هوندي جنهن جو مقصد سندن حياتين جي حفاظت جي بنيادي اصولن بابت ٻڌائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.