سول جج جي گهرواري هٿان تشدد جو نشانو بڻيل رضوانا جا پوليس سامهون ڇرڪائيندڙ انڪشاف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) او ايس ڊي بڻايل سول جج عاصم حفيظ جي گهر تشدد جو شڪار بڻيل نينگري رضوانا پوليس کي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.

پوليس ذريعن موجب رضوانا پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته جج جي گهرواري مون تي روز تشدد ڪندي هئي، مون کي ڏنڊن، لوهي سيخن سان ماريو ويندو هو، مالڪياڻي لتون به هڻندي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته رضوانا ٻڌايو جج جي گهرواري وارن کان جهلي ڀٿ ۾ ٽڪر هڻائيندي هئي، مون کي ڪيترائي ڏينهن ڪمري ۾ بند ڪري بک تي رکيو ويندو هو، فيملي ٻاهر ويندي هئي ته هفتو هفتو مون کي گهر ۾ بند رکيو ويندو هو.

ذريعن موجب گهريلو ملازمه ٻڌايو ته مون کي والدين سان ملڻ جي اجازت نه هوندي هئي، ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائيندا هئا پر جج جي گهرواري گڏ هوندي هئي، جج جي گهرواري تشدد بابت گهروارن کي ٻڌائڻ کان روڪيندي هئي ۽ ڌمڪائيندي هئي، زخمي ٿيڻ تي علاج به نه ڪرايو ويندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.