نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ٻن پاڙيسرين جي ڪتن جي ويڙهه کان پوءِ ڪتن جا مالڪ به پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هڪ ڪتي جي مالڪ جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا مارجي ۽ 8 زخمي ٿي پيا.
ڀارتي ميڊيا موجب مڌيا پرديش رياست جي شهر اندور ۾ ٻن پاڙيسرين وچ ۾ ڪتن جي ويڙهه سبب ٿيل جهيڙو ۾ هڪ شخص گڏ ٿيل هجوم تي فائرنگ ڪري ڏني.
ميڊيا رپورٽن موجب راجپال رجاوت نالي شخص جيڪو هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ سيڪيورٽي گارڊ آهي، ڪتن جي ويڙهه کان پوءِ پاڙيسري سان ٿيل تڪرار تي مڇرجي گھر ويو ۽ هٿيار آڻي گڏ ٿيل هجوم تي فائرنگ ڪري ڏني.
اندور پوليس جو چوڻ هو ته فائرنگ جي واقعي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿيا، زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.