خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ پير جي حويلي ۾ مبينا تشدد زيادتي بعد ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري معاملي ۾ عدالت پاران قبرڪشائي جي اجازت ملڻ بعد لاش غائب ڪرڻ جي شڪ تحت پوليس رات دير سان قبر تي پوزيشن سنڀالي ورتي آهي.
رات دير سان قبر ويجهو غير معمولي چرپر جا اطلاع مليا جنهن تي پوليس پهچي وئي.
وارثن کي شڪ هو ته لاش ڪڍڻ جون مبينا ڪوششون ڪيون پئي ويون، قبر ويجهو شڪي ماڻهو لامارا ڏئي رهيا هئا.
ايس ايس پي جو چوڻ هو ته قبر تي عارضي پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي.