آمريڪا روس کي ايف 16 جهاز ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا روسي جارحيت جي خلاف دفاع لاءِ يوڪرين کي ايف 16 جهاز فراهم ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي اختيارين جو چوڻ هو ته آمريڪا يوڪرين کي پنهنجي دفاع لاءِ جنگي ويڙهاڪ جهاز ايف 16 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪي پائلٽس جي ٽريننگ مڪمل ٿيڻ بعد يوڪرين کي ڊنمارڪ ۽ نيدرلينڊ کان ڏنا ويندا.

اختيارين جو چوڻ هو ته واشنگٽن ڊنمارڪ ۽ نيدرلينڊ جي اختيارين کي خاطري ڪرائي آهي ته پائلٽ جي تربيت کان پوءِ آمريڪا يوڪرين کي ايف 16 جهازن جي فراهمي جي ٿرڊ پارٽي عمل کي تيز ڪندو.

ميڊيا رپورٽس موجب 11 ملڪن جي اتحاد هلندڙ مهيني ڊنمارڪ ۾ يوڪرين جي پائلٽس کي ايف 16 جهاز اڏائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.