راڻيپور (ويب ڊيسڪ) 10 سالن جي ٻارڙي جي حويلي ۾ مبينا تشدد سبب مارجڻ واري معاملي تي رانيپور ۾ لاڳاپيل ٿاڻي جي هيڊ محرر کي به گرفتار ڪيو ويو.
نجي ٽي وي موجب جاچ ٽيم جوابدار اسد شاهه جي گهر پهتي ۽ شاهديون گڏ ڪيون.
پوليس جو چوڻن آهي ته راڻيپور ۾ گهريلو خدمتگار جي قتل جي جاچ جاري آهي.
جاچ ٽيم فاطما جي گهر جو به دورو ڪيو ۽ گهر ۾ ٻارڙي جا دفن ڪيل ڪپڙا به پنهنجي تحويل ۾ ورتا.
ڪپڙن کي ٻارڙي جي تدفين کان اڳ گهر جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو هو.
جاچ ٽيم ۾ اي ايس پي گمبٽ، سي ٽي ڊي اهلڪارن سميت ٻيا آفيسر شامل آهن.
سندن چوڻ آهي ته مبينا قتل ۾ ملوثهر سهولتڪار کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.