زندگي پياري اٿو ته هي 8 غذائون نه کائو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سٺي صحت لاءِ سٺو کاڌو ۽ مناسب خوراڪ ضروري آهي پر اڪثر ماڻهو کائڻ کان ناهن مڙندا پر ڪجهه شيون اهڙيون جن کان پاڻ کي پري رکڻ گهرجي.

صحت مند زندگي لاءِ 8 اهڙيون غذائون ٻڌايون ويون آهن جن کان پري رهڻ ۾ ئي ڀلائي آهي، هن وقت سوڊا سڄي دنيا ۾ واپرائي وڃي ٿي ۽ سوڊا واٽر سڀ کان خطرناڪ شئي آهي، هن جي نقصانن جي اڪثر ماڻهن کي خبر ۽ هن کان بچڻ ضروري آهي.

ٻي شئي آهي سويا، اهڙيون شيون جن ۾ سويا شامل آهي انهن کان پري رهڻ گهرجي ڇو ته ان جي استعمال سان حفاظتي نظام ۽ ڳلي جو نظام متاثر ٿي سگهي ٿو.

ڪنهن به قسم جون اهڙيون غذائون جيڪي ڪين ۾ بند هونديون آهن انهن کي کائڻ کان بچڻ گهرجي، مثال طور نوڊلز ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ڪري سگهن ٿا.

ان کانسواءِ ڪنهن به قسم جي هٿرادو مٺاڻ جي استعمال کان بچڻ گهرجي ڇو ته ان سان ٽائپ ٽو شگر ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي.

گهڻا ماڻهو آهن جيڪي تريل شيون پسند ڪندا آهن پر بازاري شيون معدي ۽ صحت لاءِ مسئلا کڙا ڪري سگهن ٿيون.

خيال رهي ته اڄ ڪلهه سچو مکڻ ملڻ ڏکيو آهي ان لاءِ ماڻهو مارجرين استعمال ڪن ٿا، مارجرين ڀاڄين مان ٺهيل مکڻ آهي ۽ ان کي کائڻ سان ڪجهه به ناهي ٿيندو ابتو اهو اوهان جي دل جي صحت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ اچي ٿو پراسيسڊ ميٽ يعنيٰ ڪنهن به قسم جو پراسيسڊ ميٽ به ڪينسر کي دعوت ڏئي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.