هاڻوڪي دور ۾ آرٽيفيشل انٽليجنس ذريعي تيار ڪيل وڊيوز ۽ تصويرون ماڻهن لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو بڻجنديون پيون وڃن، جنهن بعد هنن جي نشاندهي وڌيڪ ضروري آهي.
اي آءِ ٽيڪنالاجي جو عروج ۽ غلط استعمال جي نتيجي ۾ آنلائن جعلي تصويرون، وڊيوز ۽ ايتري قدر آڊيوز جي ڀرمار آهي.
اي آءِ ماهرن ٻڌايو آهي ته تصويرن ۽ وڊيوز جي نشاندهي لاءِ اهو ڏٺو وڃي ته ڄاڻايل وڊيو يا تصوير ۾ آڱرين ڏي ڏٺو وڃي ته ڪٿي اهي پنج کان گهٽ يا وڌيڪ ته ناهن، اهڙي ريت عينڪ جي لينس کي به ڏٺو وڃي.
پر هينري ايجڊز خبردار ڪيو آهي ته ڪيترائي ڀيرا ان کي به ختم ڪري سگهجي ٿو، انڪري تصوير ۾ پاڇي ۽ روشنين کي به چيڪ ڪيو وڃي، گهڻو ڪري تصوير ۾ نظر ايندڙ ماڻهو ۾ واضح فوڪس هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري اصلي نظر ايندو آهي، پر تصيور جو بيڪ گرائونڊ حقيقت پسند يا واضح ناهي هوندو.
جيڪڏهن اوهان کي شڪ آهي ته ڪنهن به ماڻهو جي ڳالهه ٻولهه واري وڊيو جعلي آهي ته اهو ڏٺو وڃي ته حرڪت آڊيو سان ملي رهي آهي يا نه، نشاندهي لاءِ ڏندن کي به ڏٺو وڃي جيڪڏهن اهي ڌنڌلا نظر اچن ته سمجهي وڃو ته وڊيو اصلي نه پر جعلي آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like