ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انسان جي جسم جي هر عضوي جي پنهنجي الڳ اهميت هوندي آهي، اهڙي ئي ريت نَڪ جي پنهنجي الڳ اهميت هجي ٿي، نَڪ جي اهميت ان وقت خبر پوندي آهي جڏهن هلڪو زڪام يا ليس ٿئي ٿو يا وري نَڪ بند ٿي ويندو آهي.
نَڪ جو نه رڳو جسماني پر سماجي ڪردار به هوندو آهي، اهو ته سڀ ڪنهن ٻڌو هوندو ته غلط ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ماڻهو پنهنجي اولاد کي چوندا آهن ته توهان منهنجو نَڪ ئي ٻوڙي يا ڪٽرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته صحيح ڪم ڪرڻ جي ڪري وري اهو چيو ويندو آهي ته توهان منهنجو نَڪ بچائي ڇڏيو. ساڳئي ئي جاءِ تي ڪهچرين ۽ محفلن ۾ به اهو عام طور چيو ويندو آهي ته ڦلاڻي ماڻهو ڦلاڻو عمل ڪرڻ جي ڪري پنهنجو نَڪ ڪٽرائي ڇڏيو وغيره وغيره.
اهي ڳالهيون اسان جون هٿ جون ناهن ٺهن پر صدين کان وٺي اهي مهاورا استعمال ٿيندا پيا اچن، نَڪ جي وڏي اهميت هجي ٿي.
ٿي سگهي ٿو ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن پنهنجي بزرگن کي سياري ۾ ڏٺو هجي ته اهي وهنجڻ کانپوءِ پنهنجي نَڪ ۾ تيل جي نسوار هڻندا آهن، مطلب ٻئي جسم سان گڏ نَڪ ۾ به تيل جو مَک ضرور ڏيندا آهن يا وري ٿورو تيل نَڪ ۾ وڌو ويندو آهي جيئن ناس ڏني ويندي آهي.
وڏڙا ماڻهو اهو عمل پنهنجي جي خشڪي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪندا آهن پر اڄ جي دور جون جديد ترين سائنسي تحقيقون ان بابت ڇا ٿيون چون اسان اڄ اوهان کي ٻڌائينداسين.
نَڪ ۾ تيل وجهڻ
سياري جي موسم ۾ جڏهن موسم خشڪ ٿي ويندي آهي ته ان جي ڪري اسان جي جسم جي ٻاهرين حصن کي سڻڀيون ڪريم هڻندا آهيون پر جسم جي اندرين حصن ۾ به خشڪي جا اثر هوندا آهن جيڪي ڪيترائي مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا.
اهي ته آهن کڻي سياري جون ڳالهيون پر تيل نَڪ ۾ وجهڻ سان ڪهڙي به موسم ۾ فائدا ماڻي سگهجن ٿا.
نَڪ به دن وانگر انسان جي جسم جو اهو حصو آهي جتي سڀ اعصاب موجود هجن ٿا جنهن جي ڪري نَڪ ۾ ٿيندڙ خشڪي مختلف مسئلن جو سبب بڻبي آهي. جنهن کان بچڻ جي لاءِ نڪ ۾ تيل وجهي مختلف فائدا ماڻي سگهجن ٿا.
بند نڪ کولڻ جي لاءِ
آلودگي ۽ خشڪي سميت مٽجندڙ موسم جي ڪري يا خشڪ هوا لڳڻ جي ڪري ساهه واري نالي ۾ موجود قدرتي گهم گهٽجي ويندي آهي جنهن جي ڪري ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. اها تڪليف ان وقت گهڻي محسوس ٿيندي آهي جڏهن ماڻهو رات جو پنهنجي هنڌ تي سمهڻ ويندو آهي.
جنهن جي ڪري نڪ مان ساهه کڻڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي ۽ ماڻهو وات مان ساهه کڻندو آهي جيڪو ڳلي جي سوڄ ۽ بلغم جو سبب بڻجي ويندو آهي ۽ ماڻهوءَ کي بخار به ٿي ويندو آهي.
انهن مسئلن کان بچڻ جي لاءِ توهان سرنهن جي تيل کي هلڪو گرم ڪيو ۽ ان جو ٿورو مقدار نَڪ ۾ وجهو جيئن اندر تائين پهچي، ٿوري ئي دير ۾ توهان جو بند نڪ کلي ويندو.
الرجي کان بچڻ جي لاءِ
الرجي جو سبب بڻجڻ وارا جراثيم اسان جي نڪ جي رستي سان جسم ۾ داخل ٿي ويندا آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ ساهه کڻڻ جي عمل کي متاثر ڪندا آهن. ان سان بچڻ جي لاءِ موسم جي تبديلي جي دوران هر روز وهنجڻ کانپوءِ ٿورو مقدار ۾ نڪ ۾ تيل وجهي ساهه واري نالي تائين پهچايو. اهو تهه الرجي جو سبب بڻجندڙ جراثيمن کي نه ساهه جي نالي تي حملي آور ٿيڻ کان روڪيندا آهن پر انسان کي صحتمند به رکندا آهن.
ذهني دٻاءَ ۽ پريشاني مان ڇوٽڪارو
انسان جي اندر ڪنهن به قسم جو ذهني دٻاءُ ان جي صحت تي سڌيءَ ريت اثرائتو ٿيندو آهي اهي اثر جيڪڏهن ذهني پريشاني جي خاتمي کانپوءِ ئي ختم ڪري ٿي سگهن ٿا. پر نَڪ ۾ تيل وجهڻ سان ان دٻاءُ سان مقابلو ڪرڻ ۾ طاقت ضرور ملندي آهي ۽ انسان ان دٻاءَ جي ڪري ٿيندڙ صحت جي مسئلن کان محفوظ رهندو آهي.
بي خوابي
جيڪڏهن رات جي وقت ٿڪاوٽ جي باوجود توهان پرسڪون ننڊ نٿا ڪري سگهو ته ان صورت ۾ نڪ ۾ تيل لڳائڻ اهو سولو طريقو آهي جنهن جي مدد سان توهان نه رڳو فوري طور تي ننڊ ڪري سگهو ٿا پر پرسڪون ننڊ جا مزا به ماڻي سگهو ٿا. ان جي لاءِ رات جو سمهڻ کان اڳ هلڪي گرم تيل کي نَڪ ۾ صحيح نموني لڳايو وڌيڪ فائدن جي لاءِ ان تيل کي دُن ۽ پيرن جي ترين تي لڳايو توهان کي حيران ڪندڙ فائدا ملندا.
وقت کان اڳ اڇا وار
جيڪڏهن توهان جا وار عمر کان اڳ اڇا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ته ان عمل کي روڪڻ جي لاءِ نَڪ ۾ تيل وجهڻ وارو عمل انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته نَڪ ۾ تيل لڳائڻ سان کوپڙي ۾ موجود وارن جي پاڙن ۾ موجود اعصاب ۽ پگمنٽ جيڪي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن اهي ٻيهر بحال ٿي ڪم شروع ڪندا آهن جنهن جي ڪري وارن جو رنگ ٻيهر ڪارو ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهي.