ڪن مان ڪپهه ۽ گند ڪڍڻ جا محفوظ گهريلو طريقا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جسم جو هر حصو ڌيان ۽ صفائي گهرندو آهي ۽ روز وهنجي هر حصي جي صفائي ڪرڻ گهرجي پر ڪن جي صفائي لاءِ الڳ بندوبست ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ان ۾ ميڻ جيان ڄميل مادو ڪن جي سور سميت مختلف خطرن جو سبب بڻبو آهي. ڪپهه جي ٽڪري سان ڪن صاف ڪجي ته ڪپهه جا ذرا جيڪڏهن ڪن ۾ رهجي ويندا آهن ته اهي ڪن جو پردو ڦاٽي به سگهي ٿو پر ڪجهه اهڙا گهريلو طريقا به آهن جيڪي ڪن صاف ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.

گرم پاڻي

هلڪو گرم پاڻي وهنجڻ دوران ڪن ۾ وجهڻ سان ڪن صاف ڪري سگهجن ٿا اهو گرم پاڻي ڪنن کي ائين صاف ڪندو آهي جيئن ڪنهن رڳن يا نالين مان گندگي کي ڪڍبو آهي. گرم پاڻي ڪن مان پهريون ميرٽ ڪڍندو آهي پوءِ سولائي سان انکي ڪڍندو آهي.

سرنهن جو تيل

جيڪڏهن ڪن ۾ گهڻي گندگي محسوس ٿيڻ لڳي ته رات جو سمهڻ کان اڳ ٽي کان چار قطرا سرنهن جي تيل کي هلڪو گرم ڪري وجهي ڇڏجن. چار کان پنج ڏينهن اهو عمل لڳاتار ڪجي ته اهو ڪن مان سڄو جو سڄو گند ڪڍي صاف ڪري ڇڏيندو.

لوڻ جو پاڻي

اڌ ڪوپ هلڪي گرم پاڻي ۾ اڌ چمچو لوڻ جو وجهو ۽ جڏهن اهو صحيح نموني ملي وڃي ته ان ۾ ڪپهه جا ننڍا ٽڪڙا وجهو پوءِ اهي ڪن ۾ وجهو جيستائين ڪپهه سُڪي نه وڃي. جنهن ڪن ۾ گهڻو مسئلو لڳي انکي مٿي آسمان طرف ڪيو ۽ ان ۾ اڳ ۾ ڪپهه کي نپوڙي ٻه ٽي ڦڙا پاڻي جا وجهو ۽ ٿوري دير کانپوءِ ڪن کي اونڌو ڪيو ته اهو پاڻي نڪري، اهو عمل ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ٻه يا ٽي ڏينهن ڪيو ته توهان جا ڪن صاف ٿي ويندا.

زيتون جو تيل

سالن کان اسان جون وڏريون زيتون جي تيل کي هلڪو گرم ڪري ان جا ٿورا ڦڙا ٻارن جي ڪنن ۾ وجهنديون اينديون آهن ته جيئن انهن جا ڪَن صاف رهن. اهو هڪ آزمايل ۽ بهترين عمل آهي جنهن سان ڪن جي ميرٽ صاف ڪري سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.