سني ليوني جي اي آءِ ڪاپي متعارف

بالي ووڊ اداڪارا سني ليوني ڀارت جي اُها پهرين شوبز شخصيت بڻجي وئي، جنهن جي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) جي آفيشل ڪاپي متعارف ڪرائي وئي آهي.

سمي ليوني جي هم شڪل اي آءِ روبوٽ جي ڪاپي ڀارتي اي آءِ ٽيڪنالاجي ڪمپني ڪاموٽو متعارف ڪرائي آهي، جنهن مختلف اسپورٽس شخصيتن سميت ڪاروباري ۽ سوشل ميڊيا شخصيتن جون ڪاپيون به متعارف ڪرايون آهن.

پر سني ليوني کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اُها بالي ووڊ جي پهرين شخصيت بڻي آهي، جنهن جي اي آءِ آفيشل ڪاپي متعارف ڪرائي وئي آهي.

سني ليوني جي آفيشل ڪاوي ڏسڻ ۾ اداڪارا جهڙي ئي آهي، پر ان جو آواز ٿورو مختلف آهي، جنهن مان فوري اندازو ٿي وڃي ٿو ته اِها هٿرادو آهي، پر ان کي ڏسي ڪو به سڃاڻي نه سگھندو ته هوءَ حقيقي انسان آهي يا اي آءِ جي مدد سان تيار ڪيل روبوٽڪ چيٽ بوٽ آهي.

سني ليوني پاران پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پنهنجي اي آءِ ڪاپي جي ننڍي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هٿرادو ذهانت جي مدد سان تيار ڪيل بالي ووڊ اداڪارا جي ڪاپي ٻڌايو ته هوءَ اي آءِ سان تيار ڪيل روبوٽ آهي ۽ هن جو ڪم اداڪارا جي مداحن پاران پڇيل هر سوال جو جواب ڏيڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.