گرميءَ جو ٽوڙ، ڪجهه سستا ۽ بهترين گهريلو شربت

گرمي جي موسم اچي چڪي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن گرمي ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي اهڙي صورتحال ۾ ٿڌي شربتن جي گهرج به وڌي رهي آهي. بازار مان ملندڙ شربت ۽ بوتلون ذائقي ۾ ته سٺا هوندا آهن پر انهن ۾ ڇا ۽ ڪهڙي نموني مليل آهي ان بابت اسان کي ڪا خاص خبر ناهي هوندي. وقتي طور تي بازاري شربت فائدو ته ڏيندا آهن پر جيڪڏهن انهن جي ٺاهڻ واري عمل کي ڏسجي ته شايد ئي ڪو اهي شربت يا بوتلون پيئي. ٻيو ته ٺهيو پر اسان جي ماڻهن کي ته اها به خبر ناهي هوندي ته برف ڪهڙي پاڻي سان ڄمائي وئي آهي، اهو پاڻي پيئڻ جي لائق به هيو يا نه. اهو ئي سبب آهي ته هر بازاري شربت کان پاسو ڪري پنهنجي گهر ۾ صحتمند شربت ٺاهي پيئڻ گهرجن جيڪي گرمي ۽ ڏينهن لڳڻ کان بچائڻ سميت صحت لاءِ به تمام فائديمند ثابت ٿيندا آهن.

عوامي آواز پنهنجي پڙهندڙن جو خيال ڪندي سدائين جيان اڄ به اهڙا ڪجهه گهريلو شربت ٻڌائيندي جيڪي نه رڳو توهان جي صحت لاءِ سٺا آهن پر انهن ۾ خرچ به تمام گهٽ هجن ٿا.

سڪنجبين

سڪنجبين گرمين جو تمام مشهور شربت آهي، ان کي ٺاهڻ تمام سولو به هوندو آهي ۽ اهو ذائقي ۾ به تمام وڻندڙ هجي ٿو. ان شربت کي رڳو ليمي سان گڏ به ٺاهي سگهجي ٿو، رڳو سادو ڳاڙهو شربت ۽ هلڪو ڪارو لوڻ وجهي به ان شربت جو مزو ٻيڻو ڪري سگهجي ٿو. اهو شربت وٽامن سي ماڻڻ جو به بهترين ذريعو هوندو آهي. گرمين جي موسم ۾ اهو شربت پيئڻ فرحت بخش هوندو آهي ۽ ان سان توانائي به ملي ٿي، جيڪڏهن ان ۾ تخ ملنگو ملائجي ته اهو وري گرمي جو اهڙو ٽوڙ ثابت ٿيندو جو ٻيو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.

ستو جو شربت

ستو جي شربت ۾ اهي سڀ فائدا آهن جيڪي جَوَن جي پاڻي ۾ موجود هوندا آهن. جيڪڏهن ستو موجود نه هجي ته جَوَن جي اٽي کي هلڪي باهه تي ڀڃي به ستو ٺاهي سگهجي ٿو. گرمي جي موسم ۾ اهو شربت راحت ڏيندڙ آهي. اولهه ملڪن ۾ سائي جَوَن کي سڪائي پائوڊر تيار ڪيو ويندو آهي جنهن کي گرين بارلي واٽر جو نالو ڏنو ويندو آهي. اولهه ملڪن ۾ اهو چيو ويندو آهي ته جَوَ دنيا جي واحد خوراڪ آهن جنهن ۾ خوراڪ سڀني کان وڌيڪ هوندي آهي، اهي فوري طور تي توانائي جو بحالي جو ذريعو آهن.

انبڙين جو شربت

انبڙين جو شربت ٿي سگهي ٿو عام طور تي ڪنهن استعمال نه ڪيو هجي پر اهو گرمي ۽ ڏينهن لڳڻ کان بچائڻ لاءِ تمام فائديمند هوندو آهي. اهو شربت گهر ۾ به سولائي سان تيار ڪري سگهبو آهي. ڪچي انبڙين ۾ ڳاڙهي انبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وٽامن بي ون ۽ بي ٽو شامل هوندو آهي. انبڙين ۾ موجود وٽامن سي رت جي نالين کي وڌيڪ لچڪدار بڻائي ٿي. اهي رت جا سيل ٺاهڻ ۾ به انتهائي مددگار هونديون آهن. اهي خوراڪ ۾ موجود آئرن کي جسم ۾ جذب ڪرڻ ۾ به مدد ڪنديون آهن ۽ رت جي وهڪرن لاءِ پڻ فائديمند آهن.

ناريل جو پاڻي

ناريل پاڻي گرمي جي موسم ۾ تمام فائديمند ثابت ٿيندو آهي، آمريڪي زرات جي کاتي موجب جيڪي ماڻهو هاءِ بلڊ پريشر يا دل جي عارضي ۾ مبتلا آهن انهن ماڻهن کي ناريل جي پاڻي کان بچڻ گهرجي ڇو ته ان سان جسم ۾ سوڊيم جي سطح متاثر ٿيندي آهي. ناريل جو پاڻي جسم ۾ گهم جي لاءِ به هڪ بهترين ذريعي طور سڃاتو ويندو آهي. اهو معدي جي تمام هلڪو هوندو آهي ان ۾ تمام اهم غذائي شيون ۽ معدنيات موجود هونديون آهن. ناريل جو پاڻي جسم کي ٿڌو رکندو آهي. ٿڌو مٺو ناريل جو پاڻي سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ جي خاتمي ۽ گرمي جو بهترين ٽوڙ آهي.

ان سان گڏ کيري، هنداڻي، ليمي، فارون ۽ ڳڙ واري مٺائي جو شربت به گرمي جي لاءِ تمام بهترين هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.