نظر جي ڪمزوريءَ جو سبب بڻجندڙ عام عادتون

عمر وڌڻ سان گڏ نظر ڪمزور ٿيڻ جو امڪان وڌندو آهي.

ڪجهه ماڻهن جي پري جي جڏهن ته ڪجهه جي ويجهو جي نظر ڪمزور ٿيندي آهي.

پر عمر خانداني اثرن کان هٽي ڪري زندگي جون ڪجهه عام عادتون به اوهان کي عينڪ پهرڻ تي مجبور ڪري سگھن ٿيون.

اها عادتون گھڻيون عام هونديون آهن ۽ گھڻا ماڻهو اهڙين عادتن کي هاڃيڪار به ناهن سمجهندا.

گھڻو وقت اسڪرين جي سامهون گذارڻ

ڪمپيوٽر تي ڪيترائي ڪلاڪ ڪم ڪرڻ يا سمارٽ فون تي گھڻي دير تائين پڙهڻ سان اکيون خشڪ ٿي وينديون آهن، جڏهن ته نظر ڌنڌلي ٿيڻ ۽ ٻين مسئلن جو خطرو وڌندو آهي.

اسڪرين جي سامهون گھڻو وقت گذارڻ سان نظر تي دٻاءُ پوندو آهي جنهن سان پري يا ويجهي جي نظر ڪمزور ٿيڻ جو امڪان وڌندو آهي.

گھٽ پاڻي پيئڻ

جيڪڏهن اوهان گھٽ پاڻي پيئندا آهيو ته اکيون به ڊي هائڊريشن جو شڪار ٿي وينديون آهن.

ان جي نتيجي ۾ اکين سُڄڻ، خشڪ يا ڳاڙهو ٿيڻ جهڙن مسئلنجو خطرو وڌندو آهي ۽ نظر ڌنڌلي ٿيڻ لڳندي آهي، جيڪڏهن گھٽ پاڻي پيئڻ کي عادت بڻايو وڃي ته نظر جي ڪمزوري اڻٽر آهي.

ناقص خوراڪ

پاڻي سان گڏوگڏ خوراڪ به نظر لاءِ اهم آهي.

جيڪڏهن جنڪ يا فاسٽ فوڊ جو استعمال ڪندا آهيو ته ان سان صحت سان گڏوگڏ نظر تي به ناڪاري اثر پوندا آهن.

ان جي ڀيٽ ۾ ساون پنن وارين ڀاڄين، آنن، دالين ۽ مڇيءَ جو وڌيڪ استعمال نظر لاءِ فائديمند هوندو آهي.

ننڊ جي کوٽ

ننڊ جي کوٽ به نظر لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي  آهي.

ننڊ جي کوٽ سان اکيون ٿڪجي پونديون آهن ۽ هوريان هوريان نظر ڪمزور ٿي ويندي آهي.

اکيون مهٽڻ

اکين کي گھڻو مهٽڻ سان قرنيا متاثر ٿيندي آهي ۽ نظر ڪمزور ٿيندي آهي، جنهن سبب عينڪ جو استعمال ڪرڻو پوندو آهي.

سگريٽ ڇڪڻ

سگريٽ ڇڪڻ ۽ طبي مسئلن جو تصور ڪندي نظر جو خيال ذهن ۾ ناهي ايندو.

پر سگريٽ ڇڪڻ سان نظر به ڪمزور ٿيندي آهي.

حقيقت ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي عادي ماڻهن ۾ نظر جي مختلف مرضن جو خطرو وڌندو آهي.

اکين کي اُس کان تحفظ فراهم نه ڪرڻ

ڇا اوهان کي خبر آهي ته سج جا شعاع اکين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن؟

سج جي شعاعن سان اکين کي نقصان پهچي سگھي ٿو ۽ نظر تي ناڪاري اثر پوندا آهن.

ٿوري روشني ۾ دير تائين ڪم ڪرڻ

ٿوري يا هلڪي روشني ۾ گھڻو وقت ڪم ڪرڻ سان اکين تي دٻاءُ وڌندو آهي ۽ نظر کي گھڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي.

ان جي نتيجي ۾ اهي ٿَڪَ جو شڪار ٿي وينديون آهن ۽ هوريان هوريان نظر ڪمزور ٿيڻ لڳندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.