موبائل فون جو گھڻو استعمال ڪهڙي بيماري کي دعوت ڏئي ٿو

اڄ جي تيز رفتار دنيا ۾ موبائل فون اسان جي زندگي جو لازمي حصو بڻجي چڪي آهي، پر ڇا کي خبر آهي ته ان جو گھڻو استعمال ڪهڙي مرض کي دعوت ڏئي ٿو.

هڪ تازي تحقيق موجب سيل جو ضرورت کان وڌيڪ استعمال خاموش قاتل يعني بلڊ پريشر ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ماهرن ان ڳالهه کان خبردار ڪيو آهي ته موبائل فون تي ٽيهن منٽن کان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه بلڊ پريشر جهڙي بيماري کي دعوت ڏئي ٿي.

ڊجيٽل هيلٿ ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيهن منٽن کان گھٽ ڳالهائڻ جي ڀيٽ ۾ اڌ ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ ڳالهائڻ سان بلڊ پريشر ۾ 12 سيڪڙو واڌ ٿي سگھي ٿي.

رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته پنهنجي فون جي گھڻي استعمال سان جسماني عضوا به متاثر ٿين ٿا، جنهن ۾ ڪنڌ، ڪُلهن يا چيلهه تي دٻاءُ پئجي سگھي ٿو جيڪو هاءِ بلڊ پريشر جو سبب به بڻجي سگھي ٿو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سيل فون جو گھڻو استعمال صحت لاءِ هيڃيڪار عادتن جو سبب بڻجي سگھي ٿو جهڙوڪ کاڌو ڇڏڻ، جنڪ فوڊ تي نيرن ڪرڻ، ۽ جسماني ورزش کي نظرانداز ڪرڻ. اهي سڀ رويا هاءِ بلڊ پريشر ۽ صحت جي ٻين مسئلن ۾ حصو وجهي سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.