باقي بچيو ڇا؟ سائي چانهه جسم جي اهم ترين عضوي لاءِ انتهائي خطرناڪ قرار

چمڙي جي صفائي، جسم مان صحت لاءِ هاڃيڪار مادن جي نيڪالي ڪرڻ ۽ وزن ۾ گهٽتائي جي خواهشمند ماڻهو ڏينهن ۾ ٻه کان چار ڪوپن تائين سائي يا سبز چانهه جو استعمال ڪندا آهن پر اهڙي عمل سان جسم جي اهم ترين عضوي کي نقصان پهچي ٿو جنهن بابت ڄاڻڻ به تمام ضروري آهي.

هن وقت تائين سائي چانهه جو استعمال انساني جسم جي لاءِ انتهائي فائديمند قرار ڏنو پئي ويو آهي خاص ڪري جيڪي ماڻهو وزن گهٽائڻ جا خواهشمند هوندا آهن اهي عام روايتي کير واري چانهه کي ڇڏي سائي چانهه جو استعمال شروع ڪري ڇڏيندا آهن. پر هاڻي هڪ نئين جي نتيجن ماهرن جون اکيون کولي ڇڏيون آهن جنهن کان انهن سائي چانهه پيئڻ واري عادت ختم ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

اسرائيل جي ڪليٽ هيلٿ سروس ۽ ڪپلان ميڊيڪل سينٽر طرفان سائي چانهه تي نئين تحقيق ڪئي وئي آهي، ان تحقيق جي نتيجن تي ٻڌل رپورٽ گيسٽرو هيپ ميگزين ۾ ڇپيل آهي.

تحقيقن جي نتيجن موجب سائي چانهه جو استعمال جگر جي سوڄ کان وٺي جگر کي مڪمل طور تي ناڪارا بڻائي ڇڏي ٿو. سائي چانهه جو استعمال جگر کي تمام گهڻو نقصان پهچائيندو آهي.

ڪيل تحقيق موجب سائي چانهه پيئڻ جي ڪري جگر تي ايندڙ سوڄ جا سئو کان مٿي سامهون ايندڙ ڪيس ڪاغذي ثبوتن طور موجود آهن. اها ساڄ چانهه جي ٻوٽي ۾ نباتاتي زهريلي مادي جي سڌيءَ ريت موجودگي ۽ ميٽابولڪ رد عمل جو امڪاني نتيجو آهي.

تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته گهڻي چانهه پيئن سان خاص ڪري عورتن ۾ جگر جي خرابي جو سبب بڻبي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته في الحال اهو واضح ناهي ٿيو ته سائي چانهه ۾ موجود ڪهڙا جز جگر کي خراب ڪن ٿا يا نقصان پهچائن ٿا پر اهو صاف ظاهر آهي ته اها جگر لاءِ تمام گهڻي نقصانڪار آهي.

ماهر اهو به چيو آهي ته سائي چانهه کي ٻين جڙي ٻوٽين يا پنن سان گڏائي پيئڻ به جگر جي لاءِ نقصانڪار هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.