اڪيلائي انسان لاءِ ڪيتري خطرناڪ آهي؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صحت وزارت جي هڪ وڏي عهديدار خبردار ڪيو آهي ته ملڪ ”اڪيلائيءَ“ جي وبا کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪو صحت لاءِ گھڻو خطرناڪ آهي جيئن روز 15 سگريٽ ڇڪڻ.

سرجن جنرل وويڪ مورتي هڪ پرڏيهي خابرو ادري کي ٻڌايو ته هو انهن لکين آمريڪي شهرين ۾ شامل آهي، جن پاڻ ”اڪيلائيءَ جي گھري احساس“ جو تجربو ڪيو.

سرجن جنرل وويڪ مورتي هڪ ايڊوائزري جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سماجي اڪيلائي کي ٿولهه يا منشيات جي استعمال جيان سنجيدگي سان ورتو وڃي.

هن طرفان جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ اهو به چيو ويو اهي ته زندگي جي سمورن شعبن سان واسطو رکندڙ تقريبن اڌ آمريڪي اڪيلائيءَ جو شڪار هجن ٿا.

وويڪ مورتي سماجي رابطن جي نئين سر تعمير لاءِ هڪ قومي فريم ورڪ بابت به ٻڌايو آهي.

جاچ موجب شگر، دل جي دوري، بي خوابي ۽ ڊيمنشيا جهڙين بيمارين جو سبب بڻجندڙ اڪيلائي وقت کان اڳ موت جي خطري کي تقريبن 30 سيڪڙو تائين وڌائي ٿي.

اهو مسئلو ڪورونا جهڙي وبائي مرض سبب اڃا وڌي ويو آهي، جنهن سبب گھڻن ماڻهن کي پنهنجي سماجي حلقن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ تحقيق موجب جون 2019ع کان جون 2020ع تائين سوشل نيٽورڪ ۾ سراسري طور تي 16 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي.

ان کي منهن ڏيڻ لاءِ وويڪ مورتي ثقافتي ۽ پاليسي ردعمل کي تبديل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو آهي.

وويڪ مورتي جي حڪمت عملي جا 6 بنياد آهن جن ۾ ڪميونٽيز ۾ سماجي انفراسٽرڪچر کي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون به شامل آهن ۽ جزوي طور تي عام صحت جي نظام کي استعمال ڪري اهو مقصد حاصل ڪرڻ آهي.

وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرين جين پيئر چيو آهي ته اها ايڊوائزري بائيڊن انتظاميا جي ذهني صحت کي منهن ڏيڻ جي وڏين ڪوششن جو حصو آهي. هن موجب مئي، آمريڪا ۾ دماغي صحت بابت آگاهي جو مهينو آهي.

جيتوڻيڪ ان اعلان جو مقصد آگاهي ۾ واڌارو ڪرڻ آهي پر هيل تائين ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي فنڊنگ جو ڪو به نئون اعلان ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.