اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ به سيڪيورٽي سخت ڪندي ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ پوليس جي واڌو نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، اسلام آباد جي اهم چوڪن ۽ چوراهن سميت شهر جي داخلي رستن تي به پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ريڊ زون ۾ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حساس عمارتن جي حفاظت لاءِ رينجرز جا اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب، سمورن ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي فيلڊ ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به هنڌ بينر لڳل يا ماڻهن جو ميڙ نظر اچڻ تي ترت ڪارروائي ڪرڻ ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن
ڪي پي ۾ ايمرجنسي کانپوءِ اسلام آباد ۾ ريڊ الرٽ، ريڊ زون ۾ داخلا بند ۽ قلم 144 ٽوڙيندڙن جي گرفتاريءَ جو حڪم
You might also like