پي ٽي آءِ جي سهيل آفريدي جي گرفتاريءَ جي تصديق، سڄي خيبرپختونخوا جي عوام کي پشاور پهچڻ جي اپيل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ ) جي سينيئر اڳواڻ ۽ خيبر پختونخوا جي اڳوڻي اطلاعات واري وزير شفيع جان چيو آهي ته سندس جماعت عمران خان ۽ پختونن جي مفادن تي سوديبازي ڪرڻ بدران حڪومت قربان ڪري ڇڏي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شفيع جان وڏي وزير سهيل آفريدي کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.
ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ پي ٽي آءِ ڪي پي جي صدر جنيد اڪبر کي گرفتار ڪيو ويو: پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ايڪس تي بيانن ذريعي تصديق
هن عوام کي ٻاهر نڪرڻ ۽ سڄي خيبر پختونخوا مان پشاور پهچڻ جي اپيل ڪئي.
هن چيو ته قبائلي ضلعن جي عوام تي به وڏي ذميواري آهي ۽ قبيلن کي پنهنجي وڏي وزير جي حمايت ۾ ٻاهر نڪرڻ گهرجي.

You might also like